سينٽ ٿامس چرچ، حيدرآباد

سينٽ ٿامس چرچ، حيدرآباد

سينٽ ٿامس چرچ حيدرآباد

سينٽ ٿامس چرچ، حيدرآباد: عيسائي عقيدتمندن جي مذهبي رسمن ۽ عبادت لاءِ حيدرآباد، شهر ۾ قائم ڪيل هي پروٽسٽنٽ فرقي جو سينٽ ٿامس چرچ 60-1859ع ڌاري تعمير ٿيو. هن جي تعمير تي ڪُل 45 هزار رپيا خرچ آيو. هي گرجا گهر 118 فٽ ڊگهو، 58 فوٽ ويڪرو ۽ گهنٽا گهر سميت 75 فوٽ بلند آهي.
هن گرجا گهر جي تعمير جو آغاز 1856ع ۾ تڏهوڪي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي ڪوششن سان ٿيو، جڏهن ته هن گرجا گهر جو افتتاح بمبئي جي معزز پادري ڊايوسيز ڪيو هن چرچ ۾ 600 ماڻهن جي عبادت ڪرڻ جي گنجائش آهي. ڳاڙهين سرن ۽ گزري پٿرن سان تعمير ڪيل هي عمارت نهايت خوبصورت ۽ جاذب نظر آهي. مجموعي طور عمارت هڪ وڏي هال تي مشتمل آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان ڪاريڊور نما احاطو ڏنل آهي، جنهن جي هڪ طرف ٻه اڳيان ۽ هڪ هڪ پاسن کان دروازا نصب آهن، جڏهن ته ٻئي طرف دروازن بجاءِ صرف روشندان نصب آهن. عمارت جي ڇت تراکڙي آهي. هال جي مکيه لنگهه وٽ بالترتيب نوڪي ونگ سان پانيل ڏنل آهن. پانيلن جي وچ ۾ ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن ۽ وچ تي عيسائي مت جو علامتي نشان (صليب) پڻ ٺهيل آهي. درين، ديوارن جي ٻاهرين ڪنارن تي پٿر سان سادي چٽسالي آهي. عمارت جي ڇت تي اڳيان گهنڊ ۽ مٿان صليب ٺهيل آهي. هال جي لنگهه وٽان هيٺاهين تي ڇانونَ لاءِ چبوترو ڏنل آهي. هال جي مکيه ديوار جي ٻنهي پاسن تي گزري پٿر سان هڪ هڪ ٿنڀ/ ستون ڏنل آهي، جنهن جو هيٺيون اڌ حصو چؤرس ۽ مٿيون اٺڪنڊي شڪل جو آهي. هي گرجا گهر حيدرآباد ۾ قائم ٿيل اوائلي گرجا گهرن مان هڪ آهي، ان ڪري تاريخي لحاظ سان ان کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. عيسائي مت سان تعلق رکندڙ ڪيترائي عقيدتمند هن گرجا گهر ۾ اچي عبادت ڪندا ۽ دعائون گهرندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو